Thursday, 18 August 2011

نوازشريف اپوزيشن ۾ آهي ته پنهنجي پارليامينٽرينز کان استعيفا ڏياري:تحريڪ انصاف

سکر (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ زبير خان، ڊاڪٽر ربنواز ڪلوڙ، داد محمد ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ اندر حالتون خراب ٿي چڪيون آهن پر پ پ حڪومت ٻين پارٽين سان جوڙ توڙ وارو سلسلو جاري رکي، مدو پورو ڪرڻ چاهي ٿي، هنن چيو ته ملڪ اندر ڪرپشن، مهانگائي ۽ بيروزگاري وڌي وئي آهي، جڏهن ته حاڪمن آمريڪا کي خوش رکڻ لاءِ عوام کي غلام بڻائي ڇڏيو آهي، هنن چيو ته سنڌ کي ٻن انتظامي حصن ۾ ورهائڻ وارو عمل غلط هو، جنهن ڪري سنڌي عوام جي پريشر بعد حڪمرانن فيصلو واپس
ورتو، هنن چيو ته نوازشريف ڪڏهن به لانگ مارچ نه ڪندو هو فرينڊلي آپريشن آهي، جيڪڏهن هو عوام سان سچو آهي ته پنهنجي پارليامينٽرينز کان استعيفا ڏياري، هنن وڌيڪ چيو ته ڪراچي جو امن خراب ڪرڻ ۾ ملوث پڪڙيل جوابدارن کي عوام آڏو پيش ڪيو وڃي، هنن چيو ته ايندڙ مهيني لاهور ۾ تحريڪ انصاف پاران ملڪ گير ڪنوينشن سڏايو ويندو.

No comments:

Post a Comment