عمران خان پاران ڇنڇر کان نيٽو سپلاءِ روڪي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان
لاهور(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان نيٽو سپلاءِ روڪڻ لاءِ هر حالت ۾ طورخم روڊ تي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هن سمورين سياسي جماعتن کي دعوت ڏني آهي، جيڪڏهن ٻيو ڪير ڌرڻي ۾ شريڪ نه ٿيو تڏهن به هو اڪيلي سر ٻن ڏينهن تائين ڌرڻو هڻندو ۽ رات روڊ تي گذاريندو. ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته نوازليگ وارا مون کي يعني عمران خان کي ٽيسٽ ٽيوب ليڊر قرار ڏئي رهيا آهن ، هن نواز شريف جو نالو کڻڻ بنا چيو ته ٽيسٽ ٽيوب ليڊر اهو آهي جنهن کي جنرل غلام جيلاني سياست ۾ آندو ، هن کي پلاٽن ذريعي سياست ڪرائي وئي ۽ جنهن کي آءِ جي آءِ ٺاهي ملڪ مٿان مڙهيو ويو . هن چيو ته هو پندرنهن سالن کان جيڪا سياست ڪري رهيو آهي ان تي قائم آهي، تحريڪ انصاف ڪا ويڪائو جماعت ناهي ، ان ڪري اسٽيبلشمينٽ يا آمريڪا ذريعي هو اقتدار ۾ نه ايندو ۽ نه ئي اقتدار تحريڪ انصاف لاءِ ايترو اهم آهي جو ان خاطر اصول قربان ڪيا وڃن. هن چيو ته هاڻي حڪمران به اهو تسليم ڪري چڪا آهن ته ڊرون حملن سان فائدو گهٽ ۽ نقصان وڌيڪ ٿي رهيو آهي ان ڪري هاڻي هو عوام سامهون پيش ڪيل موقف تان ڦري نه ٿا سگهن. هن چيو ته تحريڪ انصاف 23 ۽ 24 اپريل تي پشاور جي حيات آباد واري علائقي ۾ طور خم ڏانهن ويندڙ روڊ تي ڌرڻو هڻي نيٽو جي سپلاءِ روڪي ويندي. هن ٻڌايو ته هو پاڻ ان ڌرڻي ۾ ويهندو ۽ رات به روڊ تي گذاريندو.