Tuesday, 3 May 2011

Sukkur: Regional Times


US should leave Pakistan, Afghanistan: Imran

PTI chief says 34,000 Pakistanis killed in ‘irrelevant’ war. 

SUKKUR: Pakistan Tehreek-e-Insaaf (PTI) chief Imran Khan has said that the US should pull out its forces from Afghanistan and Pakistan as they have achieved their target of capturing or killing Osama bin Laden. After Bin Laden’s death, he added, America’s mission in the region is finished.
Khan observed this while addressing a press conference in Sukkur on Tuesday. He said that Pakistan has lost 34,000 of its citizens in this irrelevant war, while according to the government, the country has incurred a loss of Rs68 billion.
Commenting on Bin Laden’s death, Khan said that he had no idea how it was done. “Even our president wasn’t aware of the incident, and was informed about it by the US president,” Khan said.
Elaborating on the post-Bin Laden situation, he said that the Americans will think that Pakistani agencies were sheltering him, and they might pressure Pakistan to start an army operation in North Waziristan. He claimed that the government has lost credibility in the world community and that Pakistanis are not trusted abroad.

Wednesday, 20 April 2011

عمران خان پاران ڇنڇر کان نيٽو سپلاءِ روڪي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان


عمران خان پاران ڇنڇر کان نيٽو سپلاءِ روڪي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان

لاهور(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان نيٽو سپلاءِ روڪڻ لاءِ هر حالت ۾ طورخم روڊ تي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هن سمورين سياسي جماعتن کي دعوت ڏني آهي، جيڪڏهن ٻيو ڪير ڌرڻي ۾ شريڪ نه ٿيو تڏهن به هو اڪيلي سر ٻن ڏينهن تائين ڌرڻو هڻندو  ۽ رات روڊ تي گذاريندو. ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته نوازليگ وارا مون کي يعني عمران خان کي ٽيسٽ ٽيوب ليڊر قرار ڏئي رهيا آهن ، هن نواز شريف جو نالو کڻڻ بنا چيو ته ٽيسٽ ٽيوب ليڊر اهو آهي جنهن کي جنرل غلام جيلاني سياست ۾ آندو ، هن کي پلاٽن ذريعي سياست ڪرائي وئي ۽ جنهن کي آءِ جي آءِ ٺاهي ملڪ مٿان مڙهيو ويو . هن چيو ته هو پندرنهن سالن کان جيڪا سياست ڪري رهيو آهي ان تي قائم آهي،  تحريڪ انصاف ڪا ويڪائو جماعت ناهي ، ان ڪري اسٽيبلشمينٽ يا آمريڪا ذريعي هو اقتدار ۾ نه ايندو ۽ نه ئي اقتدار تحريڪ انصاف لاءِ ايترو اهم آهي جو ان خاطر اصول قربان ڪيا وڃن. هن چيو ته هاڻي حڪمران به اهو تسليم ڪري چڪا آهن ته ڊرون حملن سان فائدو گهٽ ۽ نقصان وڌيڪ ٿي رهيو آهي ان ڪري هاڻي هو عوام سامهون پيش ڪيل موقف تان ڦري نه ٿا سگهن. هن چيو ته تحريڪ انصاف 23 ۽ 24 اپريل تي پشاور جي حيات آباد واري علائقي ۾ طور خم ڏانهن ويندڙ روڊ تي ڌرڻو هڻي نيٽو جي سپلاءِ روڪي ويندي. هن ٻڌايو ته هو پاڻ ان ڌرڻي ۾ ويهندو ۽ رات به روڊ تي گذاريندو.